اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته اعظم خان سائفر سازش ??ي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ، ذاتي تحويل ۾ رکڻ تي رياست جي مدعيت ۾ فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ شاهه محمود قريشي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، سڀ کان پهريان ڳجهو دستاويز ان شخص جي قبضي مان هٿ ڪيو ويندو، ملڪ کي ڪنهن حادثي جو شڪار ڪندڙ جٿو پاڻ حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اعظم خان شق 164 ۽ شق 161 تحت پنهنجو تفصيلي بيان مئجسٽريٽ آڏو رڪارڊ ڪرايو آهي. سائفر معاملي ۾ لاڳاپيل سفير، پرڏيهي سيڪريٽري جي شامل هجڻ جون شاهديون ناهن مليون. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته فتني خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو اقبالي بيان سامهون آيو آهي، ??هو بيان فتني خلاف فردِ جرم آهي، ??ن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اصل مير جعفر ڪير هو، ان شخص ذاتي مفادن خاطر ملڪ جي مفادن کي داءُ تي لڳايو ۽ ملڪ جي ادارن خلاف سازش ڪئي. هن شخص ملڪي مفادن کي مجروح ڪندي ملڪي معيشت ??ي برباد ڪيو ته ٻئي پاسي پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، پنهنجي سياسي مفادن لاءِ راند کي??ي ۽ سائفر جي بنياد تي ڊرامو رچايو، اهڙو ڏوهه ڪيو جنهن جي سزا هر قيمت تي ٺهي ٿي. هن چيو ته اعظم خان جو بيان سامهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اڳ ليڪ ٿيڻ آڊيو ۾ پيش ٿيل مؤقف جي به تائيد آهي. هن چيو ته ان بيان کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته ان معاملي ۾ فتني خان سان شاهه محمود قريشي به برابر جو شريڪ آهي. هڪ سازش تحت پاڪستان ۽ ملڪي ادارن خلاف نفرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته اعظم خان جي بيان مان اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ ڏوهه آهي ته ٻئي پاسي ان دستاويز کي ان وقت جي مخالف ڌُر خلاف استعمال ڪرڻ به ثابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڳجها دستاويز عام ڪرڻ تي اڳوڻي آ??ريڪي صدر ??ي به سزا ملي آ??ي. فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ ??ي به سزا ملندي. هن چيو ته 9 مئي به انهي سائفر جو تسلسل آهي، ??فاعي ٺڪاڻن تي حملا ملڪ جي عزت، مال ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪري پاڪستان ۽ دفاعي ادارن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. ان جٿي ۽ ٽولي جي هڪ ئي سازش هئي ته ڪنهن به طرح ادارن ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو وڃي، ??نهن جون واڳون پاڪستان جي اندر هجڻ سان گڏوگڏ پرڏيهه سان به ملن ٿيون. ان جٿي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيڻ ضروري ٿي چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منظرِعام تي اچڻ يا نه اچڻ اعظم خان جو پنهنجو فيصلو آهي، ??سان جي ڄاڻ مطابق اعظم خان پنهنجي گهر ۾ موجود آهي. هن چيو ته هاڻي تائين سامهون آيل ڄاڻ مطابق اعظم خان سائفر سازش ۾ ملوث نه هو پر پرنسپل سيڪريٽري طور مجبور هو، ان غلطيءَ تي هن افسوس پڻ ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته رياست ۽ ادارن پنهنجي سهولت مطابق فتني خان جي گرفتاريءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي. هن شخص خلاف جاچ ٿي رهي آ??ي، ٺوس شاهديون به موجود آهن. پراسيڪيوشن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته فتني خان کي گرفتار ڪيو وڃي يا عدالت مان ڏوهاري قرار ڏجي، 9 مئي معاملن ۽ سائفر سازش کي قانون ۽ آئين مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته فتني خان خلاف ڪيترائي ثابت ٿيل ڪيس ??هن?? آخرڪار هن شخص کي پنهنجي ڪيل ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رياست جي مدعيت ۾ سيڪريٽ آفيشل ايڪٽ جي خلاف ورزيءَ تي ڪيس خاص عدالت ۾ هلندو. هن چيو ته عام چونڊ جو شيڊول ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ??ڏهن نگران حڪومت قائم ٿيندي ته اليڪشن ڪميشن ان جو فيصلو ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت ڪري رهيو آهي، ??لد اهو عمل مڪمل ٿي ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
AFB الیکٹرانک کریڈیبلٹی بیٹنگ ایٹرنس: جدت کا نیا باب
-
Facing bogus, fabricated cases: Dr Asim
-
Climate change experts urge Pakistan to come up with water management policy
-
Tourists throng hills stations; PTDC offers 50 percent discount
-
Teenage girl goes missing from seminary
-
NS الیکٹرانک تفریح آفیشل پلیٹ فارم
-
گانیشا خزانہ ایپ ڈاؤن لوڈ لنک
-
سبز مرچ سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
جنوب مشرقی آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ کا تجربہ
-
آن لائن سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
ہائی اور لو کارڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ