اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پيڪ تحت چين پاران پاڪستان ۾ اٽڪل 62 ارب ڊالر جي متوقع سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي بي پناهه امڪانن جي ڏس ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو واپار جنهن جو ڪاٿو 27.8 بلين ڊالر آهي مستقبل ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ واپار جو ت??ازن گڏيل طور تي فائديمند ٿيندو. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه سي پيڪ تحت 19 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، 28 تعمير هيٺ جڏهن ته 41 پائيپ لائين ۾ آهن، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ انقلابي فليگ شپ منصوبو آهي، جيڪو علائقائي امن ۽ رابطاڪاري جي محور طور تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ??ه گوادر پورٽ، توانائي جا منصوبا، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي سميت صنعتي تعاون جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقف ۾ تبديلي ايندي. صدر چيو ??ه عالمي سطح تي تبديلين سان گڏوگڏ سي پيڪ تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت جي فروغ لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عمل ڪيو وڃي. صدر چيو ??ه جنوري 2020ع ۾ چين پاڪستان آزادي واپاري معاهدي تي صحيحن واپار کي وڌيڪ آزاد ڪيو ??هي جنهن جي نتيجي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافو ٿيو ??هي. هن وڌيڪ چيو ??ه 2021ع جي پهرين 11 مه??نن جي انگن اکرن موجب ٻطرفو واپار 27.8 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ??هي جيڪو 2020ع جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي 3.6 بلين ڊالر جي روانگي واپار ۾ به سال به سال 68 سيڪڙي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تعاون تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين جي عوام ۽ صدر شي جن پنگ جا پاڪستان جي دل کولي مالي معاونت فراهم ڪرڻ تي دل سان ٿورا مڃيا جنهن سان ملڪ کي درپيش مالي صورتحال کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چيو ??ه ايوان صدر کي ملندڙ چيني گرانٽ جو استعمال هڪ ڊيجيٽل آئوٽ ريچ پليٽ فارم ٺاهڻ جي لاءِ ڪيو ويندو ت?? جيئن ذهني دٻاءُ يا دماغي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ??اڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ??ه خاتون اول پنهنجي برطانيا جي ايندڙ دوري دوران برطانيا ۾ رهندڙ ??اڪستاني نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن جي فعال شمولي?? حاصل ڪندي ته جيئن ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ??اڻهن کي آن لائين رهنمائي ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي چيني سفارتڪاري جي بهترين روايتن موجب وقار سان چين جي نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو ۽ ان جي مستقبل جي پيشيواراڻي ذميوارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
سپر ڈائمنڈ ایوارڈ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
سرکس جوی تفریح - سرگرمی کا بہترین ذریعہ
-
Are capacity issues at bureaucratic level a serious threat to CPEC?
-
Peace in Afghanistan imperative for regional stability: Fatemi
-
Public safety commissions to be activated
-
ورجینیا الیکٹرانکس کی آفیشل گیم ویب سائٹ: گیمنگ کے شوقین افراد کے لیے مکمل رہنمائی
-
شوٹنگ مچھلی سرکاری کھیل کی ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم کے لیے بہترین تفریحی لنکس اور تجاویز
-
ایف ٹی جی کارڈ گیم دیانت دار تفریحی ایپ کی منفرد دنیا
-
الیکٹرانک پی پی انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک: ڈیجیٹل تفریح کی نئی جہت
-
لکی ڈریگن ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ