اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ??ي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين ??ي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ??دا ڪري، وزيراعظم ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اجلاس ۾ پشاور واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اسان جي فورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان کي يورپي يونين ??ي صدر ٽيليفون ڪال ڪئ??، يورپي يونين ??ي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ??دا ڪري. هن چيو ته يورپي يونين ??ي صدر جي وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل رهندو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خا?? اسان جي پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اسان جي پارٽي جو حصو آهن. پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون انهن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين ??ا ويجها لاڳاپا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
AFB الیکٹرانک کریڈیبلٹی بیٹنگ ایٹرنس: جدت کا نیا باب
-
Facing bogus, fabricated cases: Dr Asim
-
Climate change experts urge Pakistan to come up with water management policy
-
Tourists throng hills stations; PTDC offers 50 percent discount
-
Teenage girl goes missing from seminary
-
NS الیکٹرانک تفریح آفیشل پلیٹ فارم
-
گانیشا خزانہ ایپ ڈاؤن لوڈ لنک
-
سبز مرچ سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
جنوب مشرقی آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ کا تجربہ
-
آن لائن سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
ہائی اور لو کارڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ